وڪيپيڊيا
وڪيپيڊيا (اچار /ˌwɪkiˈpiːdi.ə/ يا /ˌwiki-/)ويب آڌاريل گھڻ لساني کليل مواد ڄاڻَ چيڪلو آهي. هيءُ ڄاڻ چيڪلو دنيا جي 253 ٻولين ۾ ڀاڱيوارائي طور رضاڪار لکي رهيا آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. اڪثر مقالا کليل مواد آهن، جن کي ڪو به ترميمي سگھي ٿو. هيءَ رٿا بنا نفعي نقصان جي بنياد تي ڪم ڪندڙ وڪيذريعات پيڙهڪا هلائي رهي آهي. جيڪڏهن وڪيپيڊيا يُوزر کي ڳڻپيوڪر، انٽرنيٽ ڪنيڪشن، ۽ هڪ ويب جھانگُوءَ جي سهوليت ميسر آهي ته هُو وڪيپيڊيا تي اڳي ئي موجود صفحن کي سنواري سگھي ٿو ۽ نوان صفحا پڻ متعارف ڪرائي سگھي ٿو، جيڪي پڻ کليل مواد تصور ڪيا ويندا. هيءَ رٿا جو بنياد جنوري 15، 2001ع، تي رکيو ويو، ۽ اڄ وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي موجود وڏي ۾ وڏو، تڪڙي ۾ تڪڙو وڌندڙ ۽ مقبول ترين عام حواليه ڄاڻ جو خزانو آهي. نومبر 2007ع تائين، وڪيپيڊيا تي 253 ٻولين ۾ 91 لک مضمون لکجي چڪا هئا. انگريزي وڪيپيڊيا سيپٽمبر 9، 2007ع تي 20 لک مضمونن جو حدف پورو ڪيو. پنهنجي وڌندڙ مقبوليت باعث، هن وقت وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي گھڻي ۾ گھڻو گھمجندڙ 10 ويب سائيٽن ۾ شمار ٿي ٿِي.
وڪيپيڊيا جو مواد کليل هوڻ ڪري، ان جي قابل اعتبار ۽ تز هوڻ تي سوال اٿاريا ويندا رهيا آهن. وڪيپيڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جو مرڪز واندائپ آهي، جنهن جو نشانو وڪيپيڊيا ٿي سگھي ٿي؛ جنهن ۾ بي معنيٰ ۽ بي مقصد اکر يا جملا وجھڻ، غير درست ڄاڻ رکڻ، جانبداريءَ تي ٻڌل ڄاڻ رکڻ، وغيره وغيره شامل آهن. تجربو ٻڌاي ٿو ته واندائپ تمام ننڍو مدو رهي سگھندي آهي.
وڪيپيڊيا جي سنڌي ورزن، سنڌي وڪيچيڪلو جو بنياد 21هين فيبروري 2006ع تي جناب احسان احمد عرساڻيءَ وڌو. هن وقت سنڌي وڪيچيڪلو تي 18,352 مضمون لکجي چڪا آهن.